انوپ ڳڙهه1

انوپ ڳڙهه1 (Anup Garh I ):سنڌو تهذيب جي پوئين دور (Late Harappan Period) سان واسطو رکندڙ ماڳ 26° 15\' 38.4\" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 76° 20\' 28.2\" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ڳوٺ انوپ ڳڙهه، ضلعي جند ۾ موجود آهي. هن دڙي کي مقامي طور کيرا جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ٻن هيڪٽرن (4.94 ايڪڙن) جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هن دڙي جو وڏو حصو پوکيءَ هيٺ اچي چڪو آهي. مٿاڇري تان ملندڙ ٺڪراٺو ۽ ٻيون وٿون سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر سان ڀيٽڻ جهڙيون ملن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو